شاهڪار حسن

شاهڪار حسن (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هزهائينس مير محمد حسن علي خان ٽالپر جي مرثين ۽ قصيدن تي مشتمل آهي، جيڪو مرزا عباس علي بيگ مرتب ڪيو آهي. مرزا عباس علي اهو مختلف قلمي بياضن جي مدد سان ترتيب ڏنو آهي. جن ۾ (1) مرزا قربان علي بيگ جو هٿ اکر بياض، (2) حاجي حسن بخش مرزاڻيءَ جو هٿ اکر بياض، (3) مرزا امام علي بيگ جو هٿ اکر بياض ۽ (4) مير حسن علي خان ٽالپر جو هٿ اکر بياض شامل آهن. مرزا صاحب انهن چئني بياضن جي مدد سان مير حسن علي خان جا چوڏهن معصومين عليه السلام جي شان ۾ چيل چوڏهن قصيدا ۽ تيرهن مرثيا ترتيب ڏئي انجمن اماميه قدم گاهه علي عليه السلام جي حوالي ڪيا، جن ’شاهڪار حسن‘ جي نالي سان هي ڪتاب 1965ع ۾ شايع ڪرايو.


لفظ شاهڪار حسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو